امداد علي سھتو

امداد علي سھتو

امداد علي سھتو

امداد علي سھتو: ٻاراڻي ادب جو مشھور شاعر امداد علي ولد عبدالرحمان سھتو پھرين اپريل 1963ع تي ٺارُو شاهه شھر، تعلقي ڀِريا، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ٺارو شاهه ۽ مھراڻ ڪاليج موري مان حاصل ڪئي. 1990ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج ۾ بطور ڪئپٽن ڊاڪٽر ملازمت حاصل ڪئي، جتي ترقي ڪري ميجر جي عھدي تي پھتو. 1973ع ڌاري ڇھين درجي ۾ پڙهڻ دوران سندس لاڙو ادب ڏانھن ٿيو. 2012ع کان مسلسل لکندو رهي ٿو. هن غزل، گيت، وائي، سانيٽ، ترائيل، ٽيڙو ۽ ٻين مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان کان سواءِ شاعري ۾ ”سونھن ڪڙا“ نالي سان نئين صنف پڻ متعارف ڪرائي آهي. سندس شاعري ’گُلن جھڙا ٻارڙا‘، ’گُل ڦُل‘، ’عبرت‘ مئگزين، ’سھڻي‘ ۽ ’هزار داستان‘ سميت ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپيل آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ”پير پير جو پنھنجو پنڌ“ (ٻين سان گڏ: 2016ع) ۽ ”وڃايا ريت ۾ پيرا“ (2022ع) ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.04.01  عيسوي

ٻاراڻي ادب جو مشھور شاعر امداد علي ولد عبدالرحمان سھتو پھرين اپريل 1963ع تي ٺارُو شاهه شھر، تعلقي ڀِريا، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه غلام فريد
محبوب سروري
اويس ‘قرني’
ڏکايل غلام حيدر ڪلهوڙو
حداد حاجي محمد
اسلم عباسي
خادم حسين شاهه
سنجر ڪاشاني
آندل فقير
سليمان ڪورائي فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون